پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي مختلف علائقن ۾ رات 10 وڳي کانپوءِ مقامي ماڻهن جي چرپر تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
پوليس اختيارين طرفان جاري ڪيل هدايت نامي موجب دائود زئي، ڊاگئي، ملا خان، شاهه عالم ۽ ٻين علائقن ۾ رات 10 وڳي کانپوءِ چرپر تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
پوليس موجب ڪو قبرستان، درياهه ڪناري، ٻنين ۾ بنا سبب ڏٺو ويو ته ڪارروائي ٿيندي، منشيات جي ڪيسن ۾ گرفتار جوابدارن جي ضمانت لاءِ ٿاڻي ايندڙن خلاف به ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته منشيات جي استعمال ۾ واڌ سبب اهو هدايت نامو جاري ڪيو ويو آهي.
You might also like