نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ مينهن چوري جي ڪيس ۾ جوابدار کي 58 سالن کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب ڪرناٽڪ رياست ۾ پوليس 78 ورهين جي گنپتي وٿل واگوري نالي شخص کي هڪ پراڻي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو، 1965 ۾ 20 ورهين جو وٿل پنهنجي ساٿي ڪرشنا سان گڏ چوري جي الزام ۾ بيدر ضلعي جي هڪ ڳوٺ مان گرفتار ٿيو هو، کين مشروط ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هو پر ضمانت تي آزادي کانپوءِ ٻئي گم ٿي ويا هئا ۽ انهن جو ڪو پتو نه پيو، جڏهن ته ڪرشنا 2006 ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
پوليس طرفان پراڻا فائل جاچڻ سان مينهن چوري جو ڪيس سامهون آيو، جنهن کانپوءِ گرفتاري لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون.
ضلعي بيدر جي ايس ايس پي چناباسونا لنگوٽي موجب معاملو سامهون اچڻ کانپوءِ پوليس جي جوڙيل ٽيمن کي ڪرناٽڪ سان گڏوگڏ مهاراشٽرا جي ٻهراڙين ۾ موڪليو ويو هو پر جوابدار اتي نه ملي سگهيو، پوءِ پوليس هڪ ڳوٺ عمرگا پهتي، جتان 1965 ۾ وٿل کي گرفتار ڪيو ويو هو.
پوليس ماڻهن کان پڇا ڪئي ته هڪ پيرسن عورت مهاراشٽرا جي ڪلا ڳوٺ جو ٻڌايو، جتان پوليس کي ماڻهن وٽان خبر پئي ته وٿل هڪ مندر ۾ رهي رهيو آهي، جتان پوليس کي گرفتار ڪري ورتو.
You might also like