رونالڊو کي خاص ڇوٽ تي ايراني شهري تپي باهه

تهران ( ويب ڊيسڪ ) پرتگال سان واسطو رکندڙ اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ ٻين پرڏيهي فٽبالرز کي ايران اچڻ تي خاص سِم ڪارڊ ڏيڻ بابت غور ڪيو پيو وڃي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، خصوصي سِم ڪارڊ انڪري ڏيڻ جو سوچيو پيو وڃي ته جيئن رانديگر سولائي سان انٽرنيٽ استعمال ڪري سگهن.

پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته سعودي فٽبال ڪلب النصر ايندڙ هفتي ايران جي راڄڌاني تهران ۾ ايراني فٽبال ڪلب سان اي ايف سي چيمپيئنز ليگ ميچ کيڏڻي آهي.

ايراني فٽبال ڪلب جي صدر رضا درويش سرڪاري ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ڪجهه ماڻهن اسان کي بدنام ڪرڻ چاهين ٿا جيڪي فٽبالرز کي چوندا آهن ته ايران نه وڃو ڇو جو اتي انٽرنيٽ جي سهولت نه آهي.

ٻئي پاسي ان معاملي تي ايراني شهرين جو موقف آهي ته ڪرسٽيانو رونالڊو کي اهڙي آڇ ڪرڻ پنهنجي ماڻهن جي توهين ۽ ساڻن امتيازي ورتاءُ برابر آهي ڇو جو مقامي شهري انٽرنيٽ تائين رسائي ۾ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.