16 سيپٽمبر کان پيٽرول ڪيترو مهانگو ٿيندو؟ ڳڻتيءَ جوڳي خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ جو امڪان آهي ۽ نون اگهن جو اعلان سڀاڻي ڪيو ويندو.
پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 16 سيپٽمبر کان واڌ جو امڪان آهي، ذريعن موجب پيٽروليم شين جي اگهن ۾ امڪاني واڌ اوگرا جي ورڪنگ کانپوءِ سامهون ايندي.
حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا طرفان اڃا تائين حڪومت کي سمري ناهي موڪلي وئي، اوگرا جي ورڪنگ کانپوءِ اگهن جو ڪاٿو سامهون ايندو، جڏهن ته اوگرا اختيارين جو چوڻ آهي ته اگهن جي حوالي سان ورڪنگ سڀاڻي شام ڪئي ويندي.
ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه وڌڻ سبب اگهن ۾ واڌ جو رجحان آهي ۽ آءِ ايم ايف پروگرام سبب اگهن ۾ امڪاني واڌ عوام کي منتقل ڪرڻي پوندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي اگهه ۾ 10 رپين تائين واڌ ٿي سگهي ٿي، جنهن کانپوءِ ان جي في ليٽر قيمت 315 رپين کان به وڌي ويندي.
واضح رهي ته 31 آگسٽ تي به نگران حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.