هيءَ اداڪارا محبت کي بي وقوفي سمجهي ٿي!

شوبز انڊسٽري جي اڀرندڙ اداڪارا سحر خان چيو آهي ته محبت بي وقوفن جو ڪم آهي ۽ مان سمجهدار ٿي وئي آهيان.
ڊراما انڊسٽري جي اداڪارا سحر خان تازي انٽرويو ۾ ڪيريئر بابت خيالن جو اظهار ڪرڻ سان گڏ جيون ساٿي جي خوبين تي به ڳالهايو.
هن چيو ته مون کي في الحال محبت ناهي ٿي، اهو في وقوفن جو ڪم آهي ۽ مان سمجهدار ٿي وئي آهيان.
سندس چوڻ هو ته مان دل ٽٽڻ کان ڊڄان ٿي، جڏهن ته اهڙو جيون ساٿي چاهيان ٿي، جيڪو ڊگهو هجي ۽ خوبصورت به هجي.
سحر خان چيو ته في الحال منهنجو شادي جو ڪو ارادو ناهي، تنهن ڪري جيون ساٿي جي حوالي سان وڌيڪ ڪجهه ناهي سوچيو، منهنجو فوڪس هن وقت ڪيريئر تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.