شاهده قاضي مرد ۽ عورت صحافين لاءِ رول ماڊل آهي: صحافي اڳواڻ

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب پاران پاڪستان جي پهرئين عورت اخباري رپورٽر، ڪراچي يونيورسٽي جي سڌ سماءُ جي شعبي  جي پهرين شاگردياڻي، ، پاڪستان ٽي وي جي پهرين عورت نيوز پروڊيوسر، ڪراچي يونيورسٽي جي سڌ سماءُ جي شعبي جي پهرين عورت هيڊ آف ڊپارٽمينٽ شاهده قاضيءَ کي سندس خدمتن جي اعتراف ۾، لائف ٽائيم ميمبرشپ (عمر ڀر جي ميمبرشپ)   جو اعزاز ڪلب جي هال ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ ڏنو ويو. ان موقعي تي شاهده قاضيءَ چيو ته هوءَ ڪراچي پريس ڪلب جي سيڪريٽري شعيب احمد ۽ ان جي گورننگ باڊي جي شڪر گذار آهي، جنهن کيس وڏي عزت ۽ احترام سان ڪراچي پريس ڪلب جي لائف ميمبر شپ ڏني، جنهن مان ثابت ٿيو ته جيڪڏهن پنهنجو ڪم ۽ ذميواريون ايمانداري ۽ محنت سان ادا ڪيون وڃن ته اسان کي ان ڪري عزت ۽ احترام ملي ٿو، اسان کي هر ڪم خلوص ۽ سچائيء سان ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته انسان کي پنهنجي ڪم مان لطف اندوز ٿيڻ گهرجي، هن کي 60 سال اڳ جو اهو وقت ياد آهي جڏهن هن يونيورسٽيءَ ۾ ڇوڪريءَ جي حيثيت سان داخلا ورتي هئي ۽ اخبار جي رپورٽر طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو، اڄ مان تمام گهڻو خوش ۽ مطمئن آهيان ته مان پنهنجي مرضيءَ سان زندگي گذاري جن جون يادون مون سان گڏ آهن ۽ منهنجي لاءِ فخر آهن . ڪراچي پريس ڪلب جي سيڪريٽري شعيب احمد چيو ته شاهده قاضي جهڙي سٺي استادن جي تربيت ۽ تعليم سبب شاگرد ترقي ڪري پنهنجي شعبي ۾ پنهنجو مقام ٺاهين ٿا، پروفيسر ڊاڪٽر توصيف احمد چيو ته شاهده قاضيءَ يونيورسٽي جي خاص ماحول جي باوجود پنهنجي نظريي ۽ خيالن تي سمجهوتو نه ڪيو پي ايف يو جي، جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ ٽي وي اينڪر مظهر عباس چيو ته ڪراچي پريس ڪلب ۽ ٻين ادارن ۾ فرق صرف اهو آهي ته ٻيا ادارا آفيسرن کي ايوارڊ ڏئي رهيا آهن ۽ ڪلب پروفيسرن کي ايوارڊ ڏئي رهيو آهي شاهده قاضي جي صحافت ۾ داخلا مشڪلاتن ۽ جدوجهد سبب رضيه ڀٽي، شبانه شفيق ۽ ٻيون وڏي نالي واريون عورت  صحافي پيدا ٿيون،  ڪلب جي نائب صدر مشتاق سهيل چيو ته فاطمه جناح جي شهادت يا قتل بابت شاهده قاضي جيڪا رپورٽ ٺاهي هئي اها ان وقت جي سينسرشپ سبب شايع نه ٿي سگهي هئي ، ان موقعي تي عامر لطيف، پي ايف يو جي سربراهه ايچ خانزاده، نزهت شيرين، بلقيس جهان، ڪلثوم جهان، خليل ناصر، عابد علي، ڪرم علي شاهه، نعمت خان، مظفر اعجاز، فريحه اشرف ٻين ڳالهائيندي چيو ته شاهده قاضي مرد ۽ عورت صحافين لاءِ رول ماڊل آهي، جنهن هڪ جدوجهد ڪندڙ ڇوڪريءَ کان هڪ اهڙي عورت تائين جو ثابت قدمي سان مسلسل  سفر ڪيو آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي عورت ونگ طرفان فريحه اشرف ۽ ٻين عورتن  شاهده قاضي جي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس اعزازي شيلڊ ۽ گلن جو گلدستا پيش ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.