بند ڪيو بجلي، کڻو پول، ڳوٺاڻن بجلي ٿنڀا ڪُلهن تي کڻي واپڊا کي موٽائي ڏنا، مفت بجلي هلائڻ جو دڳ هٿ

ملڪ ۾ مهانگائي جي حالت ڪنهن کان ڳجهي ڪونهي، کاڌي پيتي جي شين جا هجن توڙي پيٽرول جا اگهه ايترا ته وڌي چڪا آهن جو هاڻي غريب ماڻهو ته ٺهيو پر سفيد پوش ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن جا به لاهه نڪري ويا آهن. کير جون نديون ته اڳ ۾ به ڪو نه وهنديون هيون پر هاڻي اوهان کي هر ماڻهو مهگانئي جون دانهون ۽ توبهه توبهه ڪندي نظر ايندو. تازو ئي بجلي جي في يونٽ ۾ واڌ ۽ واڌو بلن وارو مسئلو  غريب ماڻهن لاءِ عذاب بڻجي ڪڙڪيو جنهن جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا، بِل ساڙڻ وارو عمل ۽ واپڊا عملدارن کي مارڪٽ وارا منظر به ڏسڻ لاءِ مليا. پر انهن ڳالهين جو حڪمرانن ۽ اختيارين تي ڪهڙو فرق پوندو اهو ته عوام به سمجهي چُڪي آهي، اهو سبب آهي جو ماڻهو حڪومتن ۽ کاتن ۾ اميدون رکڻ بدران آپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوئي واري ڪِرت ۾ لڳي ويا آهن، جنهن جو هڪ مثال راولاڪوٽ ۾ به ڏسڻ ۾ آيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.