واٽس ايپ ۾ وڏي اپ ڊيٽ، واهپيدارن کي ڪيتريون ئي سهولتون ملي ويون!

واٽس ايپ ۾ تازو ئي ڪيترن ئي نون فيچرز جو اضافو ڪيو ويو آهي.

ايڇ ڊي وڊيوز، ميسيج ايڊٽنگ، هڪ اڪائونٽ کي ڪيترن ئي ڊوائيسز ۾ استعمال ڪرڻ سوڌو ٻيا به ڪيترائي نوان فيچزر هاڻ واهپيدارن کي دستياب آهن.

اهڙو ئي هڪ فيچر چينلز جي نالي سان جون 2023ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو جيڪو ان وقت رڳو ڪجهه ملڪن تائين محدود رکيو ويو هو، پر ان کي سڄي دنيا ۾ واهپيدارن لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.

ڪمپني طرفان هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو ته چينلز فيچرز 150 کان وڌيڪ ملڪن ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي.

هاڻي سڄي دنيا ۾ واهپيدار چينلز کي فالو ڪري سگھندا ۽ ان لاءِ سرچ ايبل ڊائريڪٽري جي مدد وٺي سگھبي.

واهيپدار سرچ ڪري پنهنجي پسنديدهه ٽيمن، مشغلن، شخصيتن يا ٻين شعبن جي اپ ڊيٽس تي ٻڌل چينلز کي فالو ڪري سگھندا.

انهن چينلز جي ايڊمنز لاءِ چينلز ذريعي ٽيڪسٽ، فوٽوز، وڊيوز، اسٽيڪرز ۽ پولز وڏي پيماني تي ماڻهن سان شيئر ڪرڻ جو موقعو ملندو.

150 کان وڌيڪ ملڪن ۾ فيچر کي متعارف ڪرائڻ سان گڏوگڏ ان ۾ ڪجهه نوان اضافا به ڪيا پيا وڃن.

ڪمپني موجب چينلز ڊائريڪٽڙي کي بهتر بڻايو پيو وڃي ته جيئن ملڪن جي موجب چينلز کي فلٽر ڪري سگھجي.

واهپيدار چينلز جي پوسٽ ايموجي ذريعي پنهنجي ري ايڪشن جو به اظهار ڪري سگھن ٿا جڏهن ته ايڊمنز پنهنجي پوسٽن کي 30 ڏينهن تائين ايڊٽ ڪري سگھندا.

ڪمپني موجب هر واهپيدار ايندڙ مهينن ۾ پنهنجو چينل تيار ڪري سگھندو.

جيڪڏهن اهو فيچر اڃا اوهان جي ايپ ۾ نظر ناهي اچي رهيو ته انتظار ڪريو، ايندڙ ڪجهه ڏينهن يا هفتن ۾ اوهان ان کي استعمال ڪري سگھندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.