مختلف شين ۾ عجيب چهرا ڇو نظر ايندا آهن؟

ڪڪرن ۾، گاڏي جي فرنٽ يا ڪنهن ٻي شيءِ ۾، ڪيترن ئي ماڻهن کي شين ۾ چهرا نظر ايندا آهن.
پر اسان کي مختلف شين کي ڏسي چهري جو خيال ڇو ايندو آهي؟
ان جو سبب گھڻو دلچسپ آهي پر ان کان اڳ ڄاڻي وٺو ته نظرن جي ان دوکي کي Face pareidolia چيو ويندو آهي.
ان طبي اصطلاح جو مطلب عام شين ۾ چهرن کي ڏسڻ يا روشني ۽ پاڇي ۾ ڪنهن قسم جي ڊزائين نظر اچڻ هوندو آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي ان جو تجربو ٿيندو آهي.
ماضي ۾ ان کي ذهني عارضو سمجيو ويندو هو پر اهو خيال غلط آهي، ان جي پٺيان لڪيل سبب ته هيل تائين سائنسدان مڪمل طور تي سمجهي ناهن سگھيا پر تحقيقي ڪم مان جيڪي نتيجا سامهون آيا آهن اهي گھڻا دلچسپ آهن.
2022ع ۾ ڪوئنز لينڊ يونيورسٽي جي هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته چهري سان گڏوگڏ ماڻهو عمر، جذبن ۽ صنف کي به شين ۾ ڏسندا آهن.
پر وڌيڪ دلچسپ انڪشاف اهو ٿيو آهي ته شين تي نظر ايندڙ چهرن کي مرداڻو چهرو تصور ڪيو ويندو آهي.
محققن ٻڌايو ته نتيجن مان صنفي تصور جي حوالي سان ڇرڪائيندڙ تعصب ثابت ٿئي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح گھڻن چهرن کي مرداڻو قرار ڏنو ويندو آهي.
ان سان گڏوگڏ هنن دريافت ڪيو ته 34 سيڪڙو ماڻهن کي اهي چهرا خوش باش نظر ايندا آهن، 19 سيڪڙو کي اهي ڪنهن مونجهاري جو شڪار لڳندا آهن جڏهن ته 14 سيڪڙو کي لڳندو آهي ته اهي چهرا ڪاوڙيل آهن.
انهيءَ يونيورسٽي جي سيپٽمبر 2023ع جي هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن کي شين تي چهرا گھڻا نظر ايندا آهن.
2021ع ۾ سڊني يونيورسٽي جي ماهرن به ان حوالي سان هڪ تحقيق ڪئي هئي.
ان تحقيق موجب اسان جو دماغ مختلف شين تي نظر ايندڙ چهرن کي ڏسي جذباتي طور تي ردعمل ظاهر ڪندو آهي، بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن اهي حقيقي انساني چهرن تي ردعمل ظاهر ڪندو آهي.
محققن موجب اسان جو دماغ ارتقائي طور تي چهرن کي سڃاڻڻ لاءِ سرگرم رهندو آهي ۽ ان جا خاص حصا چهرن کي ڏسڻ ۽ سڃاڻڻ جو ڪم ڪندا آهن.
سندن چوڻ هو ته انسان سماجي ميل جول پسندا ڪندا آهن جنهن لاءِ چهرن کي سڃاڻڻ ضروري هوندو آهي ۽ اسان جو دماغ چهرن کي تيزي سان سڃاڻيندو آهي.
سائنسدانن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جو دماغ شين تي نظر ايندڙ چهرن تي به اهڙيءَ طرح ردعمل ظاهر ٿيندو آهي جيئن انسان چهرن تي ٿيندو آهي.
2020ع ۾ نيو سائوٿ ويلز يونيورسٽي جي اسڪول آف سائڪولوجي جي هڪ تحقيق ۾ ان ڳالهه جو امڪاني جواب ڏنو ويو هو ته اسان کي شين تي چهرا ڇو نظر ايندا آهن.
محققن ٻڌايو ته جيتوڻيڪ انساني چهرا ڏسڻ ۾ هڪ ٻئي کان مختلف هوندا آهن پر ان جا ڪجهه حصا هڪ جهڙا هوندا آهن، جيئن اکين ۽ وات جي پوزيشن.
ماهرن ٻڌايو ته چهرن جي ان بنيادي پيٽرن کي اسان جو دماغ ڏسندو آهي ۽ امڪاني طور تي انهيءَ جي ڪري اسان کي شين تي چهرا نظر ايندا آهن.
سندن چوڻ هو ته اسان جي دماغ ۾ انهن شين کي ڏسي ڪري اهو عمل سرگرم ٿيندو آهي جيڪو چهرن کي سڃاڻڻ ۽ جذبا پڙهڻ جو ڪم ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.