فاطمه ڦرڙو ڪيس، پوليس حنا شاهه ۽ فياض شاهه کي ڳولڻ ۾ ناڪام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار فياض شاهه ۽ حنا شاهه جي ڳولا لاءِ پوليس ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ ڇاپو هنيو پر ڪا گرفتاري نه ٿي سگهي.
راڻي پور ۾ فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾ خيرپور پوليس ڪراچي پوليس سان گڏ ڊفينس خيابان شمشير ۾ ڇاپو هنيو.
ذريعن موجب پوليس کي ڪيس ۾ نامزد حنا شاهه ۽ فياض شاهه جي ڳولا هئي پر ڇاپي دوران ڪا گرفتاري عمل ۾ نه آئي.
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڇاپو فياض شاهه جي ڀاءُ نياز شاهه جي گهر تي هنيو ويو.
پوليس اختيارين موجب جوابدارن گرفتاري جي خوف کان پنهنجون موبائل فونز بند ڪري ڇڏيون آهن، ٽيڪنيڪي سپورٽ جي مدد سان جاچ کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.