ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي شاهه لطيف ٽائون مان گم ٿيل 2 ورهين جو ٻارڙو 12 ڪلاڪن کانپوءِ گٽر مان جيئرو هٿ آيو.
اهو واقعو ڪراچي جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ پيش آيو، جتي 9 ورهين جي عبدالله پنهنجي ٻن ورهين جي دوست زو خان کي ڌڪو ڏنو ته هو گٽر ۾ ڪري پيو.
جڏهن 8 ڪلاڪ گذرڻ کانپوءِ به ٻار جي خبر نه پئي ته گهرڀاتين بار جي ڳولا شروع ڪئي.
9 سالن جي عبدالله ٻڌايو ته هن زو خان کي گٽر ۾ اڇلايو هو جنهن تي گهرڀاتين سندس ڳولا ڪئي.
12 ڪلاڪن بعد زو خان کي جيئرو گٽر مان ڪڍيو ويو.
وارثن ننڍي عمر هجڻ سبب عبدالله کي معاف ڪري ڇڏيو.