پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪوچ ۽ ڪپتان وقار يونس ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي بابت هڪ دعويٰ ڪئي آهي.
ويرات ڪوهلي ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي ۾ پاڪستان خلاف 122 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي ۽ انجري کانپوءِ ٽيم ۾ واپسي ڪندڙ ڪي ايل راهول سان گڏجي ٽين وڪيٽ لاءِ 233 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي.
ڀارت جي رنز مشين ويرات ڪوهلي پاڪستان خلاف ميچ ۾ نه رڳو پنهنجي 47 هين سينچري مڪمل ڪئي پر هو سڀ کان گهٽ 267 اننگز ۾ تيرنهن هزار رنسون مڪمل ڪندڙ رانديگر به بڻجي ويو آهي.
ان حوالي سان اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان وقار يونس چيو ته ويرات ڪوهلي ۽ ٻين رانديگرن ايستائين جو سچن ٽنڊولڪر ۾ اِهو فرق آهي ته جڏهن سچن ٽنڊولڪر ڪيرئير ختم ڪيو ته سندس اڪائونٽ ۾ 49 سينچريون هيون پر مان دعويٰ سان چئي سگهان ٿو ته اڃا ويرات ڪوهلي جو ڪيرئير ختم ٿيڻ کان پري آهي، هو ايتريون سينچريون ڪندو جو ڪير سوچي به نٿو سگهي.
وقار يونس پاڪستان خلاف واپسي ڪندڙ ڪي ايل راهول کان معذرت ڪندي چيو ته اوهان اهڙي شخص( ويرات ڪوهلي) سان بيٽنگ ڪري رهيا هئا جيڪو چرين وانگر رنسون ٺاهيندو آهي، هو ڪابه رنسن به مس ناهي ڪندو، جيڪو بيٽنگ، فيلڊنگ ۽ وڪيٽن وچ ۾ رنسون ٺاهيندي بهترين بڻجڻ چاهي ٿو ۽ جيڪو پنهنجي فٽنس سان تمام گهڻو پيار ڪري ٿو.