ڪشمور (ويب ڊيسڪ) قانون واري نگران وزير بئريسٽر محمد عمر سومري ڪشمور ۾ مغوي ساگر ڪمار جي وارثن ۽ هندو پنچائت سان ملاقات ڪري کين مغوين جي آزادي جي خاطري ڪرائي.
ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي محمد عمر سومري چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، سنڌي امن پسند آهن، ڪشمور جي مغوي ساگر ڪمار جي آزادي لاءِ ڪوششون ڪيون پيا، تمام جلد کيس آزاد ڪرايو ويندو.
هن چيو ته ڪشمور سميت ٻين ضلعن جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف سخت آپريشن ڪيو ويندو، سنڌ ۾ هر هنڌ پوليس عملدار نفري ۽ هٿيارن جي کوٽ جون شڪايتون ڪري رهيا آهن، اها رپورٽ ۽ ڪشمور جي ماڻهن جون شڪايتون سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪندس.
سندس چوڻ هو ته اسان ٿوري وقت لاءِ آيا آهيون، ڪوشش ڪنداسين ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪري وڃون.
قانون واري نگران وزير جي ساگر ڪمار جي وارثن سان ملاقات، ڪابينا ۾ مسئلو اٿاريندس: عمر سومرو
You might also like