نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومتي پارٽي ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جي نئين فلم ”جوان“ جو حوالو ڏيندي ڪانگريس کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب بي جي پي دعويٰ ڪئي آهي ته فلم ”جوان“ ڪانگريس جي 10 سالن جي حڪومتي دور ۾ ان جي بدعنوانين ۽ مفلوج پاليسين کي وائکو ڪري ٿي.
بي جي پي جي وفاقي ترجمان گورو ڀاٽيا فلم جو پوسٽر شيئر ڪندي لکيو ته اسان کي فلم جوان ذريعي 2004 کان 2014ع تائين جي ڪانگريس جي حڪومتي بدعنوانين ۽ خراب پاليسين کي وائکو ڪرڻ لاءِ شاهه رخ خان جو ٿورو مڃڻ گھرجي.
هن دعويٰ ڪئي ته اها فلم سمورن ناظرين کي ڪانگريس جي قيادت هيٺ اتحادي حڪومت دوران سياسي ماضي جي ياد ڏياري ٿي. ان کانسواءِ هن اهو به چيو ته وزيراعظم نريندر مودي جي قيادت ۾ حڪومت صاف رڪارڊ برقرار رکيو آهي.
بي جي پي جي ترجمان فلم جي هڪ ڊائلاگ جو حوالو ڏنو جنهن ۾ شاهه رخ خان چوي ٿو ته ”اسان جوان آهيون“ پنهنجي جان هزار ڀيرا داءَ تي لڳائي سگھون ٿا پر رڳو ملڪ لاءِ، اوهان جهڙن ملڪ کپائيندڙن وارن لاءِ هرگز نه. ترجمان چيو ته اهو ئي ڊائلاگ گانڌي خاندان لاءِ موزون آهي.