ايشياڪپ: سريلنڪا خلاف اهم ميچ ۾ پاڪستان ٽيم ۾ پنج تبديليون

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا خلاف ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي جي اهم ميچ لاءِ پنهنجي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪستان ٽيم ۾ پنج تبديليون ڪيون ويون آهن، محمد حارث، سعود شڪيل، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر ۽ زمان خان کي سڀاڻي سريلنڪا خلاف ميچ لاءِ قومي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

فخر زمان، سلمان علي آغا، فهيم اشرف، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف سريلنڪا خلاف ميچ ۾ آرام ڪندا.

سريلنڪا خلاف ميچ لاءِ ٽيم۾ ڪپتان بابر اعظم، نائب ڪپتان شاداب خان، شاهين آفريدي، امام الحق، محمد رضوان، افتخار احمد، محمد حارث، سعود شڪيل، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر ۽ زمان خان شامل آهن.

فوٹو: پی سی بی

واضح رهي ته نسيم شاهه انجري سبب ايشيا ڪپ مان ٻاهر ٿي چڪو آهي، سندس جاءِ زمان خان کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، زمان خان جو سريلنڪا خلاف ون ڊي انٽرنيشنل ڊيبيو ٿيندو.

سلمان علي آغا ۽ حارث رئوف کي انجري سبب ٽيم شامل ناهي ڪيو ويو .

پاڪستان ايشيا ڪپ جي اهم ميچ ۾ سڀاڻي سريلنڪا جو مقابلو ڪندو، جيڪڏهن پاڪستان ٽيم ميچ کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته 17 سپٽيمبر تي ڀارت خلاف فائنل کيڏندي پر شڪست جي صورت ۾ سريلنڪا فائنل ۾ پهچي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.