ن ليگ جو چيف جسٽس تي رٽائرمينٽ تي ”ڇوٽڪاري جو ڏينهن“ ملهائڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ عطا تارڙ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي ملازمت جو مدو ختم ٿيڻ تي 16 سيپٽمبر کي ڇوٽڪاري جي ڏينهن طور ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
تقريب سان خطاب ڪندي عطا تارڙ چيو ته جيئن 6 سيپٽمبر تي دفاع جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي، ائين ئي 16 سيپٽمبر کي ڇوٽڪاري جي ڏينهن طور ملهايو ويندو.
هن چيو ته ٻين ملڪن ۾ سڀ جج ويهي بئنچون طئي ڪري سگهن ٿا، موجوده چيف جسٽس جي مدي دوران بئنچن جي جوڙجڪ سڀني جي سامهون آهي، سڀ کان وڌيڪ جسٽس اعجاز الاحسن جي بئنچن ۾ شموليت رهي، سياسي ۽ غير سياسي ڪيس ٻڌڻ ۾ چيف جسٽس جو ٻيو نمبر آهي، سڀ کان وڌيڪ سياسي ڪيس ٻڌندڙ ٽيون جج جسٽس منيب اختر آهي.
سندس چوڻ هو ته نامزد چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي سڀ کان وڌيڪ نظرانداز ڪيو ويو، مرضي جون بئنچون ٺاهي ”گڊ ٽو سي يو“ چئي قانون جي حڪمراني کي پامال ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.