ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ پندرنهن رُڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي آفيشل ايڪس اڪائونٽ تي بيان جاري ڪندي هلندڙ سال ڀارت ۾ شيڊيول آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو .
ورلڊ ڪپ ۾ حشمت الله شاهدي افغان ٽيم جي قيادت ڪندو، ٻين رانديگرن ۾ رحمان الله گرباز، ابراهيم زادران، رياض حسن، رحمت شاهه، نجيب الله زدران شامل آهن.
World Cup Bound AfghanAtalan Squad 🚨
Presenting before you the AfghanAtalan squad for the ICC Cricket World Cup 2023 in India. 🤩#AfghanAtalan | #CWC23 | #WarzaMaidanGata pic.twitter.com/r0SGg3KV8v
— Afghanistan Cricket Board (@ACBofficials) September 13, 2023
انکانسواءِ محمد نبي، اڪرام علي خيل، عظمت الله عمر زئي، راشد خان، مجيب الرحمان، نور احمد، فضل حق فاروقي، عبدالرحمان ۽ نوين الحق به اسڪواڊ جو حصو آهن.
گلبدين نائب، شراف الدين اشرف ۽ فريد احمد کي ريزرو رانديگرن ۾ رکيو ويو آهي.
ياد رهي ته آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ ڀارت ۾ کيڏيو ويندو، ايونٽ جي شروعات پنج آڪٽوبر کان دفاعي چيمپيئن انگلينڊ ۽ فائنلسٽ نيوزيلينڊ وچ ۾ احمد آباد ۾ ٿيندو.