ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ بجلي جي ڳاٽي ٽوڙ بلن سبب پريشان عوام کي نگران حڪومت اڃا تائين ڪو رليف ناهي ڏئي سگهي.
بجلي جي ڳرن بلن خلاف سڄي ملڪ ۾ عوام روڊن تي نڪتو ۽ دٻاءَ ۾ نگران حڪومت به عوام کي جلد کان جلد رليف ڏيڻ جون خاطريون ڪرايون پر آءِ ايم ايف جي سخت شرطن حڪومت کي منجهائي ڇڏيو آهي ۽ عوام اڃا تائين رليف جي اوسيئڙي ۾ آهي.
پاڪستاني اختيارين ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ بجلي بلن جي معاملي تي ڪيترائي ڀيرا ڳالهيون به ٿيون آهن پر نگران حڪومت بجلي بجلي ۾ رليف جي حوالي سان پلان به پيش ڪيا پر عالمي مالياتي اداري اهي پلان رد ڪري ڇڏيا ۽ پنهنجي شرط برقرار رکيا.
تازو ناڻي واري وزارت، توانائي واري وزارت ۽ عالمي مالياتي فنڊ وچ ۾ ڳالهيون ٿيون پر بجلي بلن تي رليف جي معاملي تي ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان کان بجلي پاڻ پيدا ڪندڙن صنعتن کي ڏنل مراعتون واپس وٺڻ، بجلي ٺاهيندڙ صنعتن لاءِ گئس اگهن ۾ فوري طور واڌ جهڙا مطالبا ڪيا آهن.
هوڏانهن نگران حڪومت جي بجلي چوري خلاف ڪريڪ ڊائون جي اعلان تحت ڪارروائيون جاري آهن، ان ڏس ۾ گرفتاريون ڪري ڏنڊ لاڳو ڪيا پيا وڃن ۽ ڪنيڪشن ڪاٽڻ جو سلسلو به جاري آهي.
ذريعن موجب بجلي چوري ۾ ملوث بااثرن خلاف ڪارروائي نه ٿي رهي آهي پر رڳو غريب خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
سوشل ميڊيا تي عوام مطالبو ڪري رهيو آهي ته غريب کي تنگ نه ڪيو وڃي ۽ بجلي چوري جي حقيقي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي وڪيل برادري غريب عوام لاءِ ميدان ۾ اچي وئي آهي، لاڙڪاڻي ۾ فهد اقبال چانڊيي، گهوٽڪي ۾ مراد لنڊ ۽ ٻين شهرن ۾ به وڪيلن اعلان ڪيو آهي ته جنهن غريب تي بجلي چوري جو ڪيس داخل ٿيندو، اسان اهو ڪيس مفت ۾ وڙهنداسين.
بجلي چوري ۾ ملوث بااثر آجا، رڳو غريبن تي لٺ، سنڌ جا وڪيل ميدان ۾ اچي ويا، وڏو اعلان
You might also like