سنڌ اسيمبلي جي ايڊيشنل سيڪريٽري خلاف ٻيهر جاچ شروع، سڀاڻي اينٽي ڪرپشن طلب

ڪراچي(رپورٽ: جي ايم کوکر ) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني طرفان پنهنجي آفيسرن جي ڪرپشن بابت جاچ ۾ مداخلت واري چيف سيڪريٽري سنڌ کي لکيل خط کان پوءِ اسيمبلي جي ڪرپشن جون  پراڻيون بند پيل انڪوائريون ٻيهر کلڻ  جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي،سنڌ اسيمبلي جي سينيئر اسپيشل سيڪريٽري محمد خان رند طرفان 29 ڊسمبر 2021 تي ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ڊي ڊي او سنڌ اسيمبلي محمد حبيب سميجو خلاف  ايف آءِ اي کي درخواست ڏني ته حبيب سميجو 2 اپريل 2021 تي رٽائرڊ ٿي چڪو آهي جڏهن ته سندس  بي فارم ۽ ٻين ڪاغذن ۾ جنم جي تاريخ ۾ وڏو فرق آهي حبيب سميجو  18 اپريل 1982 ۾ چوڪيدار گريڊ هڪ تي اسيمبلي ۾ ڀرتي ٿيو ان لاءِ قانوني طور تي سرڪاري نوڪري لاءِ عمر جي حد 18 سال هجڻ گهرجي جڏهن ته ان حساب سان ان جي عمر 1961 ٿئي ٿي جڏهن ته ان مينويل بي فارم ۾ هيراڦيري ڪري پنهنجي عمر 1969 لکرائي ڇڏي آهي جيڪا پڻ ڪوڙ ۽ فراڊ تي ٻڌل آهي جڏهن ته شناختي ڪارڊ جي سلپ نمبر 10042871 ۾ به پنهنجي عمر 1969 لکرائي آهي اي جي سنڌ مان به پاڻ کي ڪليئر قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اهڙي طرح هو پنهنجي عمر ۾ 8 سال وڌائي پاڻ کي سڻڀي عهدي تي برقرار رکيون ويٺو آهي جيڪو پڻ قانوني طور تي هڪ وڏو وڏهه آهي ان خلاف جاچ ڪري ڪاروائي ڪئي وڃي، ايف آءِ اي کي اهڙي لکيل خط کانپوءِ  ذريعن موجب حبيب سميجو ايف آءِ اي سان ملي ڪري پنهنجي خلاف جاچ بند ڪرائي ڇڏي هئي ليڪن درخوستگزار طرفان عدالت جا دروازا کڙڪائڻ بعد ايف آءِ اي پاران پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءَ ان وقت جي چيف سيڪريٽري کي خط لکي چيو ته هي صوبائي مامرو آهي ان ڪري ان ڪيس جي اوهان جاچ ڪيو پر ان خط تي عمل نه ٿي سگهيو هو اهڙي طرح هي جانچ ٻن سالن کان مٿي عرصي تائين بند فائلن ۾ پيل رهي، جنهن کانپوءِ نئين چيف سيڪريٽري فخر عالم بند پيل انڪرائري ٻيهر اوپن ڪري جانچ شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو  جنهن تحت اينٽي ڪرپشن جي انسپيڪٽر زاهد حسين ميراڻي طرفان محمد حبيب سميجو کي سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي معرفت هڪ ليٽر نمبر 33/2832 تاريخ 11 سيٽمبر 2023 تي لکيو آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ايڊيشنل سيڪريٽري محمد حبيب سميجو 14 سيپٽمبر 2023 خميس واري ڏينهن تڪڙو تڪڙو پنهنجي سروس رڪارڊ سميت اٽيسٽڊ شناختي ڪارڊ،تعليمي ڊگريون، ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ نوڪري جو  رڪارڊ کڻي پيش ٿئي.هوڏانهن الزامن هيٺ آيل سنڌ اسيمبلي جي ايڊيشنل سيڪريٽري محمد حبيب  سميجو عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هي ڪيس ايف آءِ اي جو آهي ۽ مون وٽ ايف آءِ اي جو ليٽر پيو آهي جنهن ۾ انهن مون کي ڪليئر قرار ڏنو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن کي لکيو آهي ته اهو ليٽر هوندو اهو  مون کي ڏيکارن، هن چيو ته وڌيڪ اينٽي ڪرپشن وٽ پيشي وقت خبر پوندي ته مامرو ڇا آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.