سردار سليم مزاري طرفان راڄوڻي ڪوششون تيز، ساگر ٻن ڏينهن اندر آزاد ٿيڻ جو امڪان

ڪشمور(دليپ ڪيسواڻي)ڪشمور اڳواڻي ڪشمور ضلعي جي ناظم سردار سليم جان مزاري مغوي ساگر ڪمار جي بازيابي لاءِ راڄوڻي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون مختلف برادرين جي ھزارين جي تعداد ۾ مزاري برادري،   ملڪ برادري ،ٻلھاڻي برادري جا ماڻهو وٺي گيھلپور ڪچي پھتو، ڪچي جي چڱن مڙسن سان مغوين جي بازيابي لاءِ ڳالهيون ڪيون، ڪوش ۽ شر سميت ٻين ڪچي واسين پاران مغوي ساگر ڪمار سميت مغوين جي بازيابي لاءِ سھڪار جي خاطري ھڪ ٻن ڏينهن اندر ساگر ڪمار جي بازياب ٿين جا امڪان ظاهر ڪيا ويا، ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي تين تلوار تي ڏنل ڌرڻي کانپوءِ سنڌ جي گهرو وزير پاران سردار سليم جان مزاري کي ٻن ڏينهن اندر مغوي ساگر کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ٽاسڪ ڏنو، سردار سليم جان مزاري پنھنجي مزاري برادري ملڪ برادري ٻلھاڻي برادري جو مزاري ھائوس ڪشمور ۾ ڪٺ گھرايو جتان ھزارين جي تعداد ۾ مزاري ملڪ ۽ ٻلھاڻي برادري جا موٽرسائيڪل ۽ ڪار سوار ماڻهو سردار سليم جان مزاري جي اڳواڻي ۾ ڪچي جي گيهلپور واري علائقي پھتا، مزاري ھائوس جي ترجمان جو چوڻ هو ته ساگر ڪمار کي آزاد ڪرائڻ لاءِ سردار سليم جان مزاري طرفان ڪچي جي چڱن مڙسن جي مدد سان راڄوڻي ڪوششون ورتيون پيون وڃن تمام جلد مغوي ساگر ڪمار کي آزاد ڪرايو ويندو، ڪجهه برادرين پاران ھڪ ٻن ڏينهن مھلت وٺندي مغوي ساگر ڪمار جو پتو لڳائي جلد بازياب ڪرائڻ ۾ سھڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي، سردار سليم جان مزاري ڪچي جي چڱن مڙسن ۽ پنهنجي برادري جي مزاري قبيلي جي مختلف پاڙن جي مقدمن جي ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ساگر ڪمار جي بازيابي عمل ۾ نه اچڻ تائين روز ڪچي وڃي راڄوڻي ڪوششون جاري رکڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.