سنڌ ۾نگران سيٽ اپ عوام کي مايوس ڪري ڇڏيو آھي.جنھن ڪري ھن وقت تائين ڪنھن بھ شعبي ۾ ڪا بھتر ڪارڪردگيءَ نظر نھ پئي اچي.بک ۽ ڏک ۾ روتل ماڻھون ھاڻي مذمت ڪرڻ بجاءِ مزاحمت جو رستو اختيار ڪري رھيا آھن.ڪشمور ۽ ڪنڌ ڪوٽ ۾ تازو اغوا ٿيل ٽرڪ ڊرائيورن جون زنجيرون لڳ وڊيوز جاري ٿي ويون آھن.سنڌ جي ڪنھن بھ شھر ۾ مھانگائي تي ڪنٽرول نھ ٿيو آھي.چورين ڦرن جا واقعا جئين جو تئين جاري آھن.ان وچ ۾ حڪومت وڏي دعويٰ ڪندي اسمگلنگ کي روڪڻ جي سلسلي ۾ ٿاڻيدارن کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي.ڪجھ پوليس عملدارن کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جون بھ خبرون عام آھن.
سوال ھي آھي تھ عوام جو اصل مسئلو ڪٿي لڪي ويو آھي يا وري اڳوڻين حڪومتن جيان ھن حڪومت جي اوليت ۾ بھ اھو ناھي.ماڻھون تھ ھن بدامني ۽ مھانگائي ۾ چاھين ٿا تھ امن بحال ھجي اھي ڪنھن نھ ڪنھن طريقي سان پنھنجو پورھيو ڪري ڪمائي کائي کائي سگھن ۽ بنا خوف جي اھو اچي وڃي سگھن.پر ھن وقت تائين حڪومت جي ڪيل دعوائن مان عوام کي ڪو بھ فائدو نھ پھتو آھي.ان ڪري ماڻھون پاڻ ئي پنھنجي ھر مسئلي جي لاءِ ميدان تي نڪري آيا آھن، لڳ ڀڳ سموري سنڌ ۾ اھا ئي ڪيفيت موجود آھي.ان ھوندي عام ماڻھون جي ڪنھن بھ معاملي کي نگران حڪومت جي وزير يا انھن جا مقرر ڪيل ڪامورا ڪو رليف ڏيڻ ۾ ناڪام نظر اچي رھيا آھن.
سومر واري ڏينھن ڪراچي ۾ سنڌ جي يرغمالين ساگر ڪمار، پريا ڪماري ۽ ٻين بازيابي جي لاءِ ٽي تلوار ڪراچي ۾ ڌرڻو ھنيو ويو.جنھن ۾ ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي.پر حڪومت انھن سان ڳالھائڻ ۽ انھن جي ڳالھھ ٻڌڻ جي لاءِ تيار نھ ھئي.
دنيا جي ڪنھن بھ سماج ۾ اھڙي نوعيت جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ اوليت ڏني ويندي آھي، اھي مغوين خاصي وقت کان ڌاڙيلن وٽ بند آھن، جڏھن انھن جا وارث ۽ عام ماڻھون انھن کي بازياب ڪرائڻ جي لاءِ احتجاج ڪن ٿا تھ ان جي جوڳي موٽ ڏيڻ گھرجي.گھٽ ۾ گھٽ حڪومت اخلاقي طور تھ ان ڳالھھ تي غور ڪري، تھ حڪمرانن جو اھو روئي ڪيتري حد تائين حق بجانب آھي؟
وقتي حڪومت کي ڌاڙيلن، انھن کي پناھ ڏيندڙ ۽ پاليندڙ خلاف بنا ڪنھن رعايت جي ڪارروائي ڪرڻ گھرجي.جنھن آئين ۽ قانون موجب انھن قسم کينو آھي ان جي گھرج بھ اھا ئي آھي.جيڪڏھن حڪومت اھو سڀ ڪجھھ نٿي ڪري سگھي تھ پڻ اخلاقي جرئت جو مظاھر ڪري اھو کڻي چئي ڏئي تھ اھو ڪم انھن جي ھٿ ۾ ناھي.حڪومت جي نگران گھرو وزير سکر جي دوري وقت تھ اھو بھ چيو ھو تھ ڌاڙيلن خلاف ڪارراوئي ٿيندي جنھن جو عوام کي اڃان انتظار آھي.
حڪومت کي سنڌ ۾ هلندڙ مھانگائي کي روڪڻ جي لاءِ پڻ جوڳا قدم کڻڻ گھرجن.جئين ماڻھن کي ڪو رليف ملي سگھي.
سڄي سنڌ ۾ عام ماڻھو پريشاني ۾مبتلا آھن.جنھن ڪري ھاڻي اھو ھر ناانصافي خلاف مزاحمت ڪري رھيو آھي.حڪومت کي حالتن کي بھتر ڪرڻ ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ گھرجن.جئين حڪومت ۽ عوام وچ ۾ نظر ايندڙ فرق مٽجي سگھي.عوام ۾ اھو احساس پيدا ٿئي تھ انھن کي ھن حڪومت مان ڪو تھ فائدو مليو آھي.
-
ڪراچي ۾ سنڌي پورھيتن سان تعصب خلاف احتجاج
ڪراچي ۾ سنڌي پورھيتن سان تعصب واري رويي خلاف پورھيتن ۽ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي پاران انڊسٽريل ايريا ۾ 10 ڪلاڪ ڌرڻو ھڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو.ڪراچي شھر ۾ ھزارين فئڪٽريون، ڪارخانا ۽ ٻيا ادارا آھن، اھو ئي سبب آھي جو ھتي سموري ملڪ کان ماڻھون روزگار جي ڪري اچن ٿا.جنھن ۾ ٻين صوبن جا ماڻھون پڻ شامل آھن.ڪنھن بھ فئڪٽري مالڪ جو اھو عام رويو ھوندو آھي تھ اھو پورھيتن جو رت ست چوسي، ان جي ئي پورھئي مان ڪمائي.ان ڪري ھن جي اول ترجيح ھوندي آھي تھ ان کي سستو مزدور ملي.پر ھتي ھڪ عرصي کان سنڌي ھئڻ کي ڏوھ سمجھيو وڃي ٿو ان ڪري ڪراچي شھر جي انھن فئڪٽرين ۽ ادارن ۾ ھن ايڪھين صديءَ جي دور ۾ پڻ سنڌي ماڻھن سان تعصب وارو رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو.جنھن ڪري ڪراچي ۾ مزودور جي لاءِ ايندڙ سنڌي پورھتن ويڳاڻپ ۽ پريشاني جو شڪار ٿئي ٿو.
تازو ڪورنگي انڊسٽري ايريا جي ھڪ فئڪٽري ۾ مزودورن کي ان ڪري ملازمت نھ ڏئي وئي.جو اھي سنڌي آھن.ان عمل خلاف سومر واري ڏينھن سوين متاثر پورھيتن ۽ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گھانگھرو جي اڳوڻي ۾ چمڙا چورنگي کان ان فئڪٽري تائين مارچ ڪرڻ بعد فئڪري جي گيٽ وٽ ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا.جنھن دوران انتظاميھ رينجرز طلب ڪري ورتي ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال بھ پيدا ٿي وئي. پر پورھيتن جو چوڻ ھو تھ اھي پنھنجو احتجاج نوٽ ڪرائي رھيا آھن.
ڳچ وقت کان ڪراچي ۾ ھڪ ھٿرادو نفرت وارو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪري شھر جي ملازمت ڏيندڙ ادارن جي انتظاميھ بھ اھڙا رويو اختيار ڪري ٿي،جنھن ڪري ھزارين سنڌي پورھيتن کي مزودوري نٿي ملي سگھي.شايد ان جو ھڪ سبب اھو بھ ھجي تھ ڌرتيءَ ڌڻي ھئڻ ڪري ،ملازمن ۽ مزدورن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ بھ انھن جو ھڪ ڏوھ ھجي.ان ھوندي بھ اھو عمل مڪمل طور انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آھي.پورھيت قانون جي بھ سرعام لتاڙ آھي.
اھڙين فئڪٽرين ۾ گھڻو ڪري ڪانٽريڪٽري سسٽم ھوندو آھي،جنھن جو اصل مقصد پورھيتن کي پنھنجي حقن جي لاءِ آواز اٿارڻ روڪڻ ھوندو آھي.ان سبب پورھيتن کي وقت بوقت ڇانٽي ڪرڻ جو سلسلو بھ جاري رھندو آھي.جيڪو بھ ليبر قانون جي لتاڙ آھي.اسان پورھئي واري وزارت، قانون واري وزارت، سنڌ جي نگران وڏي وزير توڻي سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي پڻ اپيل ڪنداسين تھ ھن جديد دور ۾ اھڙي تعصباڻي روئي جي روڪرائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ رڳو تعصب جي بنيادن تي فئڪٽري مان نيڪالي ڏنو پورھيتن کي نورڪرين تي بحال ڪرايو وڃي.
اسان اھا بھ اپيل ڪنداسين تي اھڙي نوعيت جي سنگين ڏوھن جي مرتڪب ٿيندڙ فئڪٽري انتظاميھ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ انھن کي گھٽ ۾ گھٽ ھن ايڪيھن صديءَ ۾ تعصب جي بنيادن تي سنڌي ماڻھن سان ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس ورتو وڃي.