هڪ مئچ ڪيئي رڪارڊ، سريلنڪن اسپنرن ڀارت خلاف تاريخ رقم ڪري ڇڏي

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي ۾ سريلنڪا جي اسپنرن ڀارت خلاف ميچ ۾ نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي.

اڱاري ڏينهن ڪولمبو ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو.

ڀارتي بيٽر سريلنڪن اسپنرن جي ڄار ۾ ڦاسي پيا، سموري ٽيم 50 هين اوور ۾ 213 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويون، اهم ڳالهه اِها آهي ته تمام وڪيٽون اسپنرن جي نالي رهيون.

سريلنڪا طرفان نوجوان اسپنر دونٿ ولالاگي پنج رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، اسپنرن آسالنڪا چار وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته اسپنر مهيش ٿڪشنا جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي.

ايشيا ڪپ جي تاريخ ۾ اِهو پهريون ڀيرو آهي جڏهن ڪنهن ٽيم جون سمورون وڪيٽون اسپنرن حاصل ڪيون آهن.

ان کانسواءِ اِهو پهريون موقعو آهي ته پوري ڀارتي ٽيم ون ڊي ميچ ۾ اسپنرن جي هٿان آئوٽ ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.