ن ليگ سينيٽر لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ سينيٽر راڻا مقبول احمد ڪجهه عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، راڻا مقبول احمد جي لاڏاڻي تي سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.
پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته سينيٽر طور قوم لاءِ سندس خدمتون ۽ انسان جي حيثيت سان سندس غير معمولي همدردي وسارڻ جوڳي ناهي.
اڳوڻي ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار به ٽوئيٽ ۾ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته سينيٽر راڻا مقبول صاحب هن دنيا ۾ ناهي رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.