عمران هاشمي سان ڪم ڪندي مزو آيو: حمائما ملڪ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا حمائما ملڪ چيو آهي ته ڪجهه به ٿي وڃي پاڪستاني ڪڏهن به اهو نٿا وساري سگھن ته هن ڀارتي اداڪار عمران هاشمي سان گڏ ڪم ڪيو هو.

حمائما ملڪ 2014ع ۾ عمران هاشمي سان گڏ فلم نٽورلال ۾ ڪم ڪيو هو، جنهن ۾ هن اداڪارا سان گڏ بار ۾ ڊانس به ڪئي هئي.

اداڪارا ماضي ۾ به عمران هاشمي سان گڏ ڪم ڪرڻ جي معاملي تي کُلي ڪري ڳالهائي چڪي آهي ۽ ٻڌائي چڪي آهي ته هن بالي ووڊ اداڪار سان گڏ ڪم ڪرڻ تي ڪا به شرمندگي ناهي پر هن اداڪار سان گڏ ڪم کي انجواءِ ڪيو هو.

ماضي ۾ اهو ٻه ٻڌائي چڪي آهي ته هن جو بالي ووڊ ۾ عمران هاشمي سان گڏ اهڙو ڪو بولڊ يا رومانوي سين نه هو، جنهن جي ڪري کيس شرمندي هجي ۽ هاڻ هن هڪ ڀيرو وري ان بابت ڳالهايو آهي.

اداڪارا گڏيل عرب امارتن (يو اي اِي) جي رياست دبئي ۾ ٿيل هڪ شو ۾ هڪ ڀيرو وري عمران هاشمي سان گڏ ڪم ڪرڻ جي تجربي تي ڳالهايو.

اداڪارا جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ان ننڍي وڊيو ۾ هن جتي عمران هاشمي سان گڏ ڪم ڪرڻ تي ڳالهايو، اتي ئي هن اهو به چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جو رڳو نالو ڌار آهي، باقي ٻنهي ملڪن جون گھڻيون روايتون هڪ جهڙيون آهن.

سندس چوڻ هو ته پاڪستانين ۽ ڀارتين جا شوق به تقريبن هڪ جهڙا ئي آهن، انهن ۾ موسيقي، فلمن ۽ شوبز جو شوق به هڪ جهڙو ئي آهي.

هن چيو ته ماڻهو هن جو چهرو ڏسي ڀارتي اداڪار کي ياد ڪندا آهن، هن چيو ته ۽ پاڪستان ان ڳالهه کي ڪڏهن به نٿا وساري سگھن ته هن عمران هاشمي سان گڏ ڪم ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.