اسڪرين تان گم مليڪه شيراوت ڪٿي آهي؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڳجهي شادي ڪري گھران فرار ٿيندڙ بالي ووڊ اداڪارا مليڪه شيراوت اسڪرين تائين گم هجڻ ڪري مداحن طرفان ڳڻتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

2004ع ۾ منظر عام تي آيل بالي ووڊ فلم ”مرڊر“ ۾ پنهنجي بولڊ منظرن سان انڊسٽري ۾ طوفان برپا ڪندڙ اداڪارا ريما لامبا عرف مليڪه شيراوت هن وقت ڪهڙي حال ۾ آهي اچو ته ڄاڻيون ٿا.

ان ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگھجي ته مليڪه شيراوت جي ڳڻپ اڄ به فلم انڊسٽري جي بولڊ ۽ گليمرس اداڪارائن ۾ ڪئي ويندي آهي پر گذريل ڪيترن ئي سالن کان هو اسڪرين تان گم آهي جنهن سبب مداحن طرفان ڳڻتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

اداڪارا ظاهري طور تي فلمي دنيا کان پري آهي پر سوشل ميڊيا تي گھڻي سرگرم نظر اچي رهي آهي.

اداڪارا پنهنجون نت نيون ۽ بولڊ، فٽنس ۽ دلڪش تصويرن سان سوشل ميڊيا تي گھڻي سرگرم آهي جنهن جي ڪري سندس فين فالوئنگ ۾ به اضافو ٿي رهيو اهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.