مٽياري ۾ تيز رفتار پوليس موبائل هوٽل تي ويٺلن مٿان چڙهي وئي

مٽياري (ويب ڊيسڪ) مٽياري ۾ تيز رفتار پوليس موبائل ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب هوٽل تي ويٺل ماڻهن مٿان چڙهي وئي.
مٽياري ويجهو قومي شاهراهه تي سيد سهيل اڪبر شاهه ڪوٽ وٽ تيز رفتار پوليس موبائل هوٽل ۾ ويٺل ماڻهن مٿان چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.
زخمين ۾ يوسف عباس، صدام عباسي، يونس عباسي ۽ موبائيل ڊرائيور حسن کٽياڻ شامل آهن، جن کي اسپتال نيو ويو.
ذريعن موجب موبائل جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.