سوين طالبان گهيرو ڪري ورتو، وڏي حملي جو انديشو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪجهه ڏينهن کان طالبان جي سرگرمين ۾ تيزي نظر اچي رهي آهي ۽ شدت پسندن پاران پاڪ فوج جي جوانن کي نشانو بڻايو پيو وڃي.

پاڪ فوج به جوابي ڪارروائي ۾ ڪيترائي دهشتگرد ماريا آهن پر هاڻي اطلاع آهن ته وڏي پئماني تي طالبان جهيڙي لاءِ گڏ ٿي ويا آهن.

خيبرپختونخوا سان واسطو رکندڙ نامياري صحافي عقيل يوسفزئي دعويٰ ڪئي آهي ته پشاور ۽ ڀرپاسي ۾ 500 طالبان گهيرو ڪري ورتو آهي.

چترال جيان هاڻي پشاور ۾ مختلف پاسن کان طالبان حملو ڪرڻ جي تياري ۾ آهن.

صحافي جو چوڻ آهي ته ملڪي ادارا جيڪڏهن روايتي پاليسي اختيار ڪندا ته ان جا نتيجا جيڪي اڄ تائين نڪتا آهن اهي نڪرندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.