ارشاد رانجهاڻي جي خون سان انصاف نه ٿيو، محفوظ ڪيل فيصلو دير جو شڪار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دليل مڪمل ٿيڻ باوجود ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو نه ٻڌايو ويو، ججن جي موڪل سبب فيصلو تيار نه ٿي سگهيو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جڊيشل ڪامپليڪس ۾ ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جو فيصلو نه ٿي سگهيو، عدالت فيصلو ايندڙ ٻڌڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.
عدالت گذريل ٻڌڻي تي ڌرين جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ سبب فيصلو محفوظ ڪيو ھو، وڪيل محمد خان شيخ چيو ته جج صاحبن جي موڪل سبب فيصلو تيار نه ٿي سگھيو، ايندڙ ٻڌڻي تي فيصلو ٻڌايو ويندو.
وڪيل چيو ته اسان پنھنجي طرفان ثبوتن جي آڌار تي دليل مڪمل ڪري ورتا آھن، انشاءَ الله جوابدارن کي ڦاھي جي سزا ايندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.