ايشيا ڪپ ۾ روهت جو راڄ، سچن ٽنڊولڪر جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيائين

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ اهم ڪارنامو انجام ڏيندي ڏهه هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون آهن.
روهت شرما اِهو ڪارنامو اڱاري ڏينهن ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي ۾ سريلنڪا خلاف ميچ ۾ سرانجام ڏنو، ڀارتي ڪپتان ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڏهه هزار رنسون ٺاهيندڙ پندرنهون جڏهن ڇهون ڀارتي بيٽر آهي.


ڀارتي ڪپتان اننگز جي لحاظ کان ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڏهه هزار رنسون ٺاهيندڙ ٻيو تيز ترين بيٽر آهي، ان فهرست ۾ پهريون نمبر ويرات ڪوهلي جو آهي.
روهت شرما ون ڊي ڪرڪيٽ جي 241 هين اننگز ۾ ڏهه هزار رنسون مڪمل ڪيون ڪوهلي اِهو ڪارنامو 205 اننگز ۾ انجا ڏنو هو.
روهت شرما ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڏهه هزار رنسون مڪمل ڪري اڳوڻي ڀارتي ليجنڊري بيٽر سچن ٽنڊولڪر کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.
ڀارتي ڪپتان روهت شرما ٽنڊولڪر کان گهٽ ون ڊي اننگز ۾ ڏهه هزار رنسون مڪمل ڪيون، سچن اِهو ڪارنامو 259 اننگز ۾ انجام ڏنو.
ياد رهي ته ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي ۾ ڀارت ۽ سريلنڪا جون ٽيمون آمهون سامهون آهن، ميچ ۾ روهت شرما 53 رنسن جي اننگز کيڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.