شاهد آفريدي جي پاڪستاني ٽيم تي تنقيد

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي ۾ ڀارت خلاف بدترين شڪست تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوني ڪپتان شاهد آفريدي جو بيان سامهون آيو آهي.

ڀارت هتان عبرتناڪ شڪست کانپوءِ شاهد آفريدي سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي چيو ته هار کٽ مقابلي جو حصو آهي پر کٽڻ لاءِ نه وڙهڻ بري ڳالهه آهي، ڀارت پاڪستان خلاف ميچ ۾ هر شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري.

شاهد آفريدي ويرات ڪوهلي کي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين تيرنهن هزار رنسون مڪمل ڪرڻ ۽ پاڪستان خلاف شاندار سينچري اسڪور ڪرڻ تي ڪوهلي ۽ ڪي ايل راهول کي واڌايون به ڏنيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.