نگران حڪومت گوڏا کوڙي ڇڏيا، وارثن کي ساگر ڪمار ۽ ٻين مغوين جي آزادي جي خاطري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران گهرو وزير حارث نواز سان ڪشمور جي مغوين جي وارثن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صوبائي وزير مغوين جي جلد آزادي جي خاطري ڪرائي.
ڪشمور مان اغوا ٿيل ساگر ڪمار جي خاندان ۽ هندو برادري جي ٻڌل وفد سماجي اڳواڻ شيما ڪرماڻي سان گڏ نگران گهرو وزير حارث نواز سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي.
حارث نواز سان مغوين جي وارثن جي ملاقات جي موقعي تي آءِ جي سنڌ رفعت مختار، ايس ايس پي ڏکڻ عمران قريشي به موجود هو.
ان موقعي تي نگران گهرو وزير چيو ته مغوين کي جلد آزاد ڪرايو ويندو، مغوين جي حفاظت سان واپسي پهرين ترجيح آهي.
آءِ جي سنڌ چيو ته جوابدارن خلاف پيشيوراڻي صلاحيتن موجب قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، ڌرڻو هڻي ويهڻ مسئلي جو حل ناهي، پوليس سان سهڪار ڪيو ۽ اعتماد رکو، پوليس خلوص سان عوام جي خدمت ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.