مهانگيون ڪريمون وساري ڇڏيو، چهري تي رڳو ماکي لڳايو

چمڪندڙ جلد ڪهڙي عورت کي پسند ناهي هوندي، سوشل ميڊيا تي ”سيلف ڪيئر“ بابت آگاهي کان پوءِ عورتن ۾ جلد جي سار سنڀال جو رجحان هاڻ گھڻو وڌي چڪو آهي.

جلد جي سار سنڀال لاءِ ڪيترائي بيوٽي پراڊڪٽس مارڪيٽ ۾ دستياب آهن، پر خوبصورت، بي داغ ۽ روشن جلد لاءِ عورتن جي اڪثيريت گھريلو ٽوٽڪن تي يقين رکي ٿي.

ماکي کي جلد لاءِ مثالي چيو ويندو آهي ڇو جو ان ۾ اهڙا جُز شامل آهن جيڪي جلد کي بهتر ڪرڻ ۾ ڪم جا هوندا آهن.

ماهر ماکي جا ڀرپور غذائي جُز، انزائمر ۽ اينٽي آڪسيڊنٽ خاصيتن سبب روز مرهه جي اسڪن ڪيئر ۾ ماکي کي انهن فائدن سبب استعمال ڪرڻ تي زور ڏيندا آهن.

موهيڙن ۾ گھٽتائي

ماکي ۾ اينٽي بيڪٽيريل ۽ اينٽي سوڄ خاصيتون هونديون آهن جيڪي موهيڙن ۾ گھٽتائي آڻينديون آهن.

ماکي کي سڌي ريت پنهنجي جلد تي لڳائڻ سان موهيڙن مان متاثر جلد کي سڪون ڏيڻ ۾ به مدد ملي سگھي ٿي.

ڪوليجن جي پيداوار کي وڌائي ٿي

ماکي ۾ اينٽي آڪسيڊنٽس هوندا آهن جيڪي جلد ۾ ڪوليجن جي پيداوار کي واڌئڻ ۾ مدد ڪندا آهن.

کَلَ جي بيهڪ کي بهتر بڻائي ٿي

ماکي ۾ اهڙا انزائم هوندا آهن جيڪي اوهان جي کَلَ کي هموار بيهڪ ۽ چمڪندڙ ظاهري شڪل ڏيندا آهن.

ماکي لڳائڻ نه رڳو فائديمند آهي پر ماکي کائڻ سان به اوهان جي کَلَ لاءِ ڪيترائي فائدا آهن. اها اوهان جي کَلَ کي هائڊريٽ ڪندي اهي، ڪولاجن جي پيداوار کي وڌائيندي آهي، موهيڙن کي گھٽائيندي آهي ۽ کَلَ جي بيهڪ کي بهتر بڻائيندي آهي.

ماکي گلوڪوز، فرڪٽوز ۽ ٻئي مٺاڻ سان گڏوگڏ وٽامنز، معدنيات ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس سان ڀرپور هوندي آهي.

ماکي کي پنهنجي غذا ۾ شامل ڪريو؟

ماکي کي پنهنجي غذا ۾ شامل ڪرڻ گھڻو سولو آهي، هتي ڪجهه طريقا آهن جن سان اوهان پنهنجي روز جي غذا ۾ ماکي شامل ڪري سگھو ٿا.

مکڻ يا جام بدران پنهنجي ٽوسٽ يا پين ڪيڪس تي ماکي پکيڙيو.

ماکي کي پنهنجي سموٿيز ۽ جوس ۾ مٺاڻ لاءِ استعمال ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.