ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دبئي ۾ ڪم ڪندڙ لينڊ مارڪ گروپ ريٽيل ۽ هاسپيٽلٽي انڊسٽري ۾ هڪ وڏو نالو آهي ۽ هاڻي هن گروپ پاران دبئي ۾نوڪرين لاءِ نوان موقعا ڏنا ويا آهن.
دبئي پنهنجي معاشي سرگرمي کي تيز ڪري رهيو آهي جنهن بهترين موقعا سامهون اچي رهيا آهن ۽ نوجوانن کي ڪيريئر ٺاهڻ جو موقعو ملي ٿو.
هنن ڪمپنين سان ڪم ڪرڻ ۾ پگهار به 10 هزار درهم تائين هوندي آهي ۽ جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو هنر آهي ته ان جا اڃا وڌيڪ فائدا آهن.
ڪمپني سان ڪم ڪرڻ لاءِ اوهان هيٺ ڏنل معيار تي لهڻ گهرجي.
تعليمي قابليت: تعليمي قابليت اميدوار جي ڪم تي ڀاڙي ٿي ته هو ڪهڙي ڪم لاءِ اپلاءِ ڪري رهيو آهي، ان لاءِ اسڪول کان ويندي بيچلر ۽ هائر ڊگري به ڪم ايندي.
تجربو: ڪجهه جاين تي تجربيڪار گهربل آهن.
ٻولي: ٻولي ۾ انگريزي هڪ ضروري گهرج طور شامل آهي، وڌيڪ ٻوليون وڌيڪ موقعن لاءِ آهن.
عمر جي حد: هر ڪيٽيگري لاءِ ڌار ڌار عمر جا گروپ آهن.
اپلاءِڪرڻ لاءِ اوهان کي سي وي، تعليمي سندون، تجربي جا سرٽيفڪيٽ، پاسپورٽ جي ڪاپي ۽ ويزا جي ڄاڻ ڏيڻي پوندي.
اهي شيون پوريون هجن ته اوهان www.landmarkgroup.com تي وڃي اپلاءِ ڪري سگهو ٿا.
ويب سائيٽ تي اوهان کي نوڪرين جي سيڪشن ۾ تفصيل ملندا ۽ اوهان جي درخواست آن لائن جمع ٿي ويندي.
هيٺ ڏنل جايون خالي آهن.
ايڇ آر پراسس ايڪسيلينس مينيجر
فرنٽ آفيس اسوسيئيٽ، سٽي هوٽلس
بارٽينڊر، سٽي ميڪس رس ال خيما
ڪوالٽي ايڪزيڪٽو، ڊي سي آڊٽ
گرافڪ ڊيزائنر