پاڪستان، آءِ ايم ايف جو ڊو مور جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان آءِ ايم ايف جو امپورٽڊ ۽ لگزري شين تي ٽيڪس وڌائڻ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ آن لائن رابطو ٿيو، جنهن ۾ آءِ ايم ايف ٽيڪس آمدني وڌائڻ لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون.
آءِ ايم ايف لگزري شين جي امپورٽ تي ٽيڪس ريٽ وڌائڻ لاءِ آرڊيننس آڻڻ جي تجويز ڏني.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف امپورٽڊ ۽ لگزري شين تي ٽيڪس وڌائڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي پر ايف بي آر جي بهترين ڪارڪردگي سبب حڪومت آءِ ايم ايف جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين ٻن مهينن ۾ ايف بي آر مقرر هدف کان 24 ارب رپيا وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪيو ۽ ايف بي آر پهرين ٽن مهينن ۾ مقرر هدف کان 30 ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪندو.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف، ايف بي آر جي ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي اوسر جي شرح تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.