ڳڀرو نوجوان افضل لنڊ جي قتل جي مذمت، قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(ويب ڊيسڪ)قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي نوجوان افضل لنڊ جي قتل جي مذمت ڪندي قاتلن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي.

اياز لطيف پليجي چيو آھي ته نوجوان افضل لنڊ جو قتل ظلم جي انتھا آھي. پندرهن سالن کان سنڌ ۾ خونن ۽ اغوائن خلاف سرڪار، اسيمبليون ۽ عدالتون خاموش آھن. ائين لڳي ٿو حڪمران سنڌ کي ملڪ جو حصو نٿا سمجھن، جنھنڪري سنڌ کي ڦرلٽ، ڪرپشن ۽ لاقانونيت جي ڪالوني بنائي ويو آھي، جيڪو جيترو طاقتور آھي، اھو پاڻ کي ايترو وڏو قانون ۽ آئين کان بالاتر سمجھي ٿو.

هن چيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين ماڻھو محفوظ ناھن ڪير به ڪيڏي مھل قتل يا اغوا ڪيو وڃي ٿو. پوليس جي سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. مرضي جا ايس ايس پيز، ڊي ايس پيز ۽ ايس ايچ اوز رکرائي پوليس کان قانون جي عملداري ڦري وئي آھي. جنھن ڪري سنڌ منشيات ۽ ھٿيارن جو دڪان بنجي وئي آھي.

ڪيو اي ٽي سربراهه جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ پورھيت، ھاري ۽ غريب ماڻھو انصاف کان محروم آھن، جنھن وٽ پئسو آھي اھو پوليس سميت ھر شئي خريد ڪري وٺي ٿو.

سندس چوڻ هو ته وفاق ۾ ايندڙ حڪومتون پنھنجن مفادن لاءِ سنڌ حڪومت کي اتحادي بنائي سنڌ جي عوام کي مڪمل نظرانداز ڪري ڇڏين ٿيون. پندرهن سالن کان سنڌ کي ڀت سان لڳايو ويو آھي. وفاق کي سنڌ جا وسيلا گھرجن، سنڌ جو تيل گھرجي، گئس گھرجي، سنڌ جو پاڻي گھرجي، سنڌ جي دولت گھرجي پر سنڌ جا ماڻھو نه گھرجن، جنھن ڪري سنڌ ۾ ھٿ وٺي قبيلائي جھيڙا ڪرايا وڃن ٿا، ڌاڙيل راڄ قائم ڪيو ويو آھي، جھالت ۽ لاقانونيت جي پکيڙيو ويو آھي. سنڌ ۾ حد کان وڌيڪ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.