آءِ فون 15 اچڻ ۾ ٽي ڪلاڪ، اچو ته ڏسون فون ۾ ڇا هوندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايپل جو نئون آءِ فون ڪجهه ڪلاڪن ۾ اچي ويندو، يعنيٰ پاڪستاني ڏهين وڳي نئون ايپل لانچ ٿيندو.

خيال رهي ته ايپل جڏهن به نئون فون آڻيندو آهي ته ان کي لائيو نشر ڪيو ويندو آهي.

اوهان اها لائيو وڊيو هن لنڪ تي ڏسي سگهو ٿا.

گهڻي انتظار بعد هاڻي آءِ فونز ۾ يو ايس بي سي ٽائپ پورٽ ڏنل هوندي جڏهن ڪيبلز ايپل طرفان سرٽيفائيڊ ئي استعمال ڪيون وينديون.

آءِ فون 15 پرو ميڪس ۽ الٽرا ۾ ڪجهه نوان فيچرز هوندا جيئن پهريون ڀيرو پيرو اسڪوپ لينس ڏنو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ فون 15 ۽ آءِ فون 15 پلس ۾ ٽائٽينيم جا فريم هوندا.

پر ڏسڻو پوندو آءِ فون ڪهڙا نوان فيچرز آڻي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.