ڪورونا ڪيسن ۾ وري واڌ، نئين ڪووڊ بوسٽر جي منظوري

واشنگٽن ڊي سي (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ ڪورونا جا ڪيس وري وڌڻ شروع ٿي ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب ڪورونا ڪيسن ۾ اضافي سبب آمريڪي فوڊ اينڊ ڊرگ انتظاميا نئين ڪووڊ بوسٽرز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ميڊيڪل ڪمپنين جا نوان بوسٽرز ڪورونا جي ايڪس بي بي ويئرينٽ کي هدف بڻائي رهيا آهن.
ايف ڊي اي جي ڊائريڪٽر جو چوڻ هو ته ويڪسينيشن عوامي صحت لاءِ اهم آهي، ڪووڊ خلاف لاڳيتو تحفظ لاءِ بوسٽر ضروري آهي.
هن چيو ته 5 سالن کان وڌيڪ عمر جا ٻار به ڪووڊ ويڪسين جي خوراڪ جي گھٽ ۾ گھٽ ٻن مهينن کان پوءِ بوسٽر جا اهل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.