بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائڻ جي سازش ۾ ملوث فوجي آفيسرن جون سزائون برقرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائڻ جي سازش ۾ ملوث فوجي آفيسرن جون سزائون برقرار رکيون آهن.
بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائڻ جي سازش ۾ ملوث آفيسرن جي سزا خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي.
سپريم ڪورٽ جي جج منيب اختر 15 فيبروري تي محفوظ ڪيل فيصلو پڙهي ٻڌايو.
عدالت ڪرنل (ر) آزاد منهاس ۽ ڪرنل (ر) عنايت الله جي سزائن خلاف اپيلون خارج ڪري ڇڏيون.
واضح رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ مان درخواستون رد ٿيڻ کانپوءِ درخواستگذارن 2016 ۾ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.
فيلڊ ڪورٽ مارشل آزاد منهاس کي ٻه، عنايت الله کي 4 سال پورهئي سان گڏ قيد ۽ برطرفي جي سزا ٻڌائي هئي.
ٻنهي اڳوڻن فوجي آفيسرن خلاف 1995 ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش جي الزام ۾ ڪارروائي ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.