ميچ فڪسڊ، پاڪستان کي ٻاهر ڪرڻ لاءِ ڀارت سريلنڪا خلاف ڄاڻي واڻي هارائيندو!

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي ۾ ڀارت هٿان 228 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست بعد پاڪستاني ٽيم جي ٽورنامينٽ جي فائنل تائين پهچڻ جا امڪان گهٽجي ويا آهن.

اڄ ايشيا ڪپ سُپر مرحلي ۾ ڀارت ۽ سريلنڪا وچ ۾ ميچ شيڊيول آهي جيڪا پاڪستان لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي، اڄوڪي ميچ کانپوءِ پوائنٽ ٽيبل به واضح ٿي ويندي.

جيڪڏهن ڀارت سريلنڪا کي شڪست ڏني ته ايشيا ڪپ جي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري وٺندو، سريلنڪا جي شڪست جي صورت ۾ پاڪستان جا فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان روشن ٿي ويندا پر ان لاءِ شرط اِهو آهي ته پاڪستان کي به سريلنڪا کي هارائڻو پوندو.

پر هتي دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته سوشل ميڊيا تي اهڙيون خبرون گردش ڪري رهيو آهن ته ڀارت پاڪستان کي ايشيا ڪپ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ ڀارت سريلنڪا هٿان ڄاڻي واڻي هارائيندو.

سوشل ميڊيا واهپيدارن جي اڪثريت اڄ ڀارت ۽ سريلنڪا جي مقابلي ۾ ڄاڻي واڻي هارائڻ جو امڪان ظاهر ڪري رهي آهي ته جيئن پاڪستان فائنل لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهي.

رضوان ارزان نالي واهپيدار سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي لکيو ته ” ٿڌا ٿيو، ميچ فڪس آهي.

انکانسواءِ ايڪس تي ، سريلنڪا-ڀارت ميچ فڪسڊ جو هيش ٽيگ پڻ ٽرينڊ ڪري رهيو آهي.

واضح رهي ته اِهو پهرين ڀيرو ناهي جڏهن ڀارت تي ڄاڻي واڻي ميچ هارائڻ جا الزام لڳا آهن، ان کان اڳ گذريل سال به آسٽريليا ۾ ٿيل ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي اهم ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا ڀارتي کي شڪست ڏني هئي، جنهن سبب پاڪستان جا سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان نه هئڻ برابر رهجي ويا هئا.

ان ميچ دوران ڀارتي رانديگرن ڪيچز ڊراپ ڪيا ۽ رن آئوٽ جا موقعا پڻ وڃايا هئا.

ڀارت جي اهڙي شڪست تي پاڪستان ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سليم ملڪ دعويٰ ڪئي هئي ته ڀارت ڪڏهن نه چاهيندو ته پاڪستان اڳتي وڃي.

سندس چوڻ هو ڀارتي ٽيم تمام خراب فيلڊنگ ڪئي، جيڪڏهن ڀارتي رانديگر ٿوري سٺي فيلڊنگ ڪن ها ته ميچ نه هارائن ها، جيڪي ڪيچ ڊراپ ٿيا اِهي ايڏا ڏُکيا نه هئا.

پاڪستاني فاسٽ بالر شعيب اختر ان ميچ جي حوالي سان تبصرو ڪندي چيو هو ته ڀارت ڏکڻ آفريڪا کان هارائي اسان کي ايونٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.