ڀارت چنڊ کان پوءِ سامونڊي گھرائين ۾ انسان بردار مشن موڪليندو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) چنڊ تي موڪليل چندريان 3 مشن جي ڪاميابي کان پوءِ ڀارتي سائنسدان هاڻ سمنڊ جي گھرائي جي کوجنا جي تياري ڪري رهيو آهي.
ڀارت طرفان پراجيڪٽ سمندريان تحت 3 ڄڻن کي پاڻي هيٺ 6 هزار ميٽرز جي گھرائي ۾ موڪليو ويندو، جنهن لاءِ هڪ خاص آبدوز تيار ڪئي پئي وڃي.
ان مشن جو مقصد سمنڊ جي گهرائي ۾ موجود ڌاتن جهڙوڪ بالٽ، نِڪل ۽ مينگنيز جي ڳولا ڪرڻ آهي جڏهن ته سامونڊي ماحول جي جاچ به ڪئي ويندي.
ان آبدوز کي Matsya 6000 جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ ان جي تياري لڳ ڀڳ 2 سالن کان جاري آهي.
ان آبدوز جي پهرين آزمائش چنائي جي سمنڊ ويجهو نار بنگال ۾ 2024ع جي شروعات ۾ ڪئي ويندي.
اها ٽائٽن آبدوز جهڙي آبدوز هوندي جنهن کي خاص طور تي سمنڊ جي گھرائي ۾ انساني مشنز لاءِ تيار ڪيو پيو وڇي.
واضح رهي ته ٽائٽن اها آبدوز آهي جيڪا جون 2023ع ۾ ائٽلانٽڪ ۾ ٽائٽينڪ جي ملبي ڏانهن ويندي تباهه ٿي وئي هئي ۽ انهيءَ ڪري ڀارتي سائنسدان Matsya 6000 جو ويجهڙائي کان جائزو وٺي رهيا آهن.
ڀارتي جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اوشين ٽيڪنالوجي (اين آءِ او ٽي) جا سائنسدان ان آبدوز کي تيار ڪري رهيا آهن ۽ ان جي ڊزائن، مٽيريل، آزمائشي مرحلن ۽ اسٽينڊرڊ پروٽوڪول طئي ڪندا.
ڀارتي ارٿ سائنسز واري وزارت جي سيڪريٽري ايم روي چندرن هڪ انٽرويو دوران ٻڌايو ته سمندريان مشن تي ڪم جاري آهي ۽ ان جي آزمائش 2024ع جي پهرين ٽي ماهي دوران سمنڊ جي 500 ميٽر گھرائي ۾ ڪئي ويندي.
ان آبدوز جي تصوير ۽ ٻيا تفصيل ڀارت جي ارٿ سائنسز واري وزير ڪرن ريججيجو هڪ ايڪس (ٽوئيٽر) پوسٽ ۾ شيئر ڪيا هئا.
اهو پراجيڪٽ 2026ع تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي.
هن وقت آمريڪا، روس، جاپان، فرانس ۽ چين اهڙا ملڪ آهن جيڪي ان قسم جي انسان بردار سامونڊي مشن جي گهرائي ۾ موڪلڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
اين آءِ او ٽي جي ڊائريڪٽر جي ايم رام داس ٻڌايو ته ان آبدوز ۾ 3ماڻهو سفر ڪري سگھن ٿا.
سندس چوڻ هو ته ان آبدوز کي 80 ملي ميٽر ٿُلهي ٽائيٽينيم جي چادر سان تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي ۽ اها 6 هزار ميٽرن جي گھرائي ۾ سمنڊ جي سطح کان 600 ڀيرا وڌيڪ دٻاءُ برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
اها آبدوز هڪ ئي وقت 12 کان 16 ڪلاڪ سفر ڪري سگھندي جڏهن ته ان ۾ 96 ڪلاڪن لاءِ آڪسيجن جي سپلاءِ موجود هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.