9 مئي سانحي ڪيسن جي جاچ مڪمل، عمران خان 10 ڪيسن ۾ ڏوهي قرار

لاهور (ويب ڊيسڪ) 9 مئي سانحي جي گڏيل جاچ ٽيم 14 ڪيسن جي جاچ مڪمل ڪري ورتي، جنهن ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين کي 10 ڪيسن ۾ ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي.
9 مئي جي ڪيسن جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي 14 ڪيسن جي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي.
جي آءِ ٽي ذريعن موجب تحريڪ انصاف چيئرمين خلاف مرڪزي ڪيس جو چالان ٻه هزار صفحن تي ٻڌل آهي، عمران خان خلاف سوشل ميڊيا بابت 4 سئو کان وڌيڪ شاهديون مليون، گرفتار جوابدارن جي بيانن ۽ نشاندهي تي عمران خان کي ڏوهي قرار ڏنو ويو.
جي آءِ ٽي اختيارين موجب جناح هائوس حملي ۾ سڌي ريت ملوث 80 جوابدارن جي بيانن ۾ سازش جو عنصر واضح ٿيو، 9 مئي جي واقعن تي جاچ دوران سڌي ريت سازش جون شاهديون به مليون، پي ٽي آءِ چيئرمين جا پنهنجا بيان حالتن جي ابتڙ آهن.
جي آءِ ٽي موجب ٻين 9 ڪيسن ۾ به ٺوس شاهدين جي روشني ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ڏوهي نڪتو، 14 ڪيسن جو چالان جلد عدالت ۾ جمع ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.