نئين هونڊا بائيڪ ۾ 17 تبديليون، ريٽ به اپ ڊيٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايٽلس هونڊا پاران نئين سي جي 125 2024 متعارف ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ ڪجهه تبديليون ڪيون ويون آهن.

جيتوڻيڪ هي موٽرسائيڪل نئين آهي پر هن جي قديم روايت کي برقرار رکيو ويو آهي ۽ ڪجهه بهتريون آنديون ويون آهن.

نيون تبديليون هيٺ ڏجن ٿيون.

وڌايل کمپريشن ريشو

بهتر هوا جي وهڪري سان ڪاربوريٽر ڊيزائن کي اپڊيٽ ڪيو ويو

اپڊيٽ ٿيل پسٽن

ريفريش ٿيل ڪرينڪ شافٽ اسيمبلي

هيڊ ۽ سلينڊر کي ٻيهر ڊيزائن ڪيو ويل.

بهتر ڪيل ڪمبشن چيمبر ڊيزائن

نئين گيئر-آئل پمپ ڊرائيو

نئين گيئر ٽائيمنگ ڊرائيو

انجڻ ۾ پوائنٽن کي مضبوط ڪيو ويو

مٿي ذڪر ڪيل شين مان ظاهر آهي ته نئين ماڊل کي اعتمادي ۽ ڪارڪردگي لءِ بهتر ڪيو ويو آهي.

هونڊا اسپيشل ايڊيشن ۽ گولڊ ايديشن کي به اپ ڊيٽ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ تبديليون هيٺ ڏجن ٿيون.

ڪارو ۽ سونهري اسڪيم سان اسپيڊ ميٽر

سامهون سون جو نشان

ريفريش ٿيل سيٽ سلائي نموني

ڪارو ۽ سونهري اسٽيڪر

سونهري پاسا ۽ ڍڪ

هن وقت ڪمپني پنهنجي اگهن ۾ واڌ ناهي ڪئي تنهن جو مطلب سي جي 125 ۽ سي جي 125 ايس اي جو ترتيبوار اگهه 234900 ۽ 282900 آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.