پاڪستان ٽيم کي نظر لڳي وئي، 3 اهم رانديگر انجري جو شڪار، ايندڙ ميچن ۾ شرڪت شڪي

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي ۾ سريلنڪا خلاف اهم ميچ ۾ قومي ٽيم جي آل رائونڊر سلمان علي آغا جي شرڪت شڪي آهي.

سلمان علي آغا کي ڀارت خلاف ميچ ۾ رويندر جاڙيجا جي اوور ۾ سوئيپ شاٽ کيڏندي نَڪ تي بال لڳو هو.

قومي ڪرڪيٽر کي ميچ کانپوءِ ڪولمبو جي اسپتال نيو ويو، جتي سندس نڪ تي ڊريسنگ ڪئي وئي.

ٽيم مئنجمينٽ موجب، سلمان علي آغا جي چهري تي سوڄ آهي پر هو پهريان کان بهتر محسوس ڪري رهيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سعود شڪيل کي سلمان علي آغا جي جاءِ تي کيڏائڻ جو امڪان آهي.

ٻئي پاسي حارث رئوف ۽ نسيم شاهه جي انجري سبب پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مئنيجمينٽ فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي ۽ زمان خان کي بيڪ اَپ بالر طور طلب ڪيو ويو آهي.

پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، اِهو فيصلو ايندڙ مهيني ڀارت ۾ شيڊيول ورلڊ ڪپ کان اڳ رانديگرن جي فٽنس ۽ سندن صحت جي معيار کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.