ڪارڪن بي ڏوهي آهن، بلديا سانحي تي عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي: ايم ڪيو ايم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم بلديا سانحي تي عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم قيادت توهان جي سامهون ضمير جي عدالت ۾ ويٺي آهي، بلديا ٽائون سانحي ۾ ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿيون، 12 سال دير سان فيصلو ٻڌايو ويو.
هن چيو ته فيصلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ٻن ڪارڪنن زبير ۽ رحمان کي موت جي سزا ڏني وئي، اسان ٻنهي کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، بلديا ٽائون ۾ شهيد ۽ بچي ويندڙ به اسان جا ئي ڪارڪن هئا، چيو ويو ته ايم ڪيو ايم جي اعليٰ قيادت کانسواءِ اهو نٿو ٿي سگهي، پڇيو ويو ته اسان ڪٿي آهيون، اسان هتي ويٺا آهيون اسان کي گهرايو.
خالد مقبول سپريم ڪورٽ ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بلديا سانحي تي عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.