راولپنڊي(م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪستان جي سياست ۾ ايندڙ 10 ڏينهن اهم آهن، انهن 10 ڏينهن ۾ اهم فيصلا ٿيڻ جو امڪان آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ شيخ رشد احمد چيو ته مسئلو سياست جو نه آهي غربت ۽ معيشت جو آهي. جيڪي 16 مهينن جي لاءِ غريب کي ريليف ڏيڻ آيا هئا اهي غريبن کي تڪليفون ڏئي پرڏيهه روانا ٿي ويا آهن. 16 مهينن ۾ هنن پنهنجا سمورا ڪيس به ختم ڪرايا ۽ ملڪ جي ناڻي جي ڦرلٽ به ڪئي هنن غريب کي اونداهي کوهه ۾ اڇلائي ڇڏيو. شيخ رشيد چيو ته جيڪي چوندا هئا اسان رياست بچائڻ آيا آهيون انهن رياست کي تباهه برباد ڪري ڇڏيو. ڇو ته عوام جو نالو ئي رياست آهي. عوام ئي 16 مهينن ۾ تباهه برباد ٿي وئي. جيستائين عوام خوشحال نه ٿيندي ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو، ڪاروبار جو ڦيٿو نه هلندو ۽ جيستائين ڪاروبار جو ڦيٿو نه هلندو ملڪ جون معاشي ۽ اقتصادي حالتون بهتر نه ٿينديون. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن غريب کي بنيادي زندگي جي ضرورت جون شيون نه ملنديون ۽ اهي سندس پهچ کان ٻاهر هونديون ته هو ڪيئن زندگي گذاريندو. لنڊن ۾ ويٺل ماڻهون سڪون سان زندگي جا مزا ماڻي رهيا آهن انهن کي اهو به احساس نه آهي ته پاڪستان ۾ غريب تي بجلي، پيٽرول، اٽي ۽ کنڊ جا بم ڪيرايا پيا وڃن جيڪو سڀ ڪجهه انهن جو ڪيل آهي پر هاڻ ان جي انهن کي فڪر نه آهي.