ويرات ڪوهلي دُنيا جو بهترين بيٽر ڇو آهي؟

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر به ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهليءَ جي تعريف ڪئي آهي.

ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي جي ميچ ۾ پاڪستان خلاف ڀارت شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 50 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن تي 356 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ويرات ڪوهلي ۽ ڪي ايل راهول جون سينچريون به شامل آهن.

شعيب اختر ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهلي جي واکاڻ ڪندي سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته ” ويرات ڪوهلي اڄ هڪ  ڀيرو وري ثابت ڪري ڇڏيو ته کيس بهترين بيٽر ڇو چيو ويندو آهي“ .

اڳوڻي فاسٽ بالر ڪوهلي جي بيٽنگ کي ساراهيندي وڌيڪ چيو ته اڄ هن بهترين اننگز کيڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.