ٽي تلوار ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار: ساگر ڪمار جي ماءُ جو ڊي سي آڏو سخت احتجاج

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ ٽي تلوار واري هنڌ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.

مغوي ساگر ڪمار، پريا ڪماري ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ سول سوسائٽي ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران احتجاج ڪيو پيو وڃي.

ڊي سي ڏکڻ الطاف حسين ساريومظاهرين وٽ پهچي ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ منٿون ڪيون جڏهن ته مظاهرين ڊي سي تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

ڊي سي آڏو ساگر ڪمار جي ماءُ به سخت احتجاج ڪيو.

سندس چوڻ هو ته مون کي ٻچڙو واپس ڪرائي ڏنو وڃي.

ڊي سي مظاهرين کي احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ چوندو رهيو پر هڪ نه ٻڌي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.