ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پرائيويٽ ميڊيا گروپ بول نيٽ ورڪ اعلان ڪيو آهي ته ان کي ايشيا پاڪ انويسٽمينٽ خريد ڪري ورتو آهي جيڪو هڪ پرائيويٽ ايڪويٽي فرم آهي ۽ هاڻي هڪ نئين سربراهه اداري جي چيئرمين جو عهدو سنڀالي ورتو آهي.
پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ بول جي آفيسن سميت سندس صدر واري آفيس ڪراچي ۾ موجود رهندي جڏهن ته ايشيا پاڪ انويسٽمينٽس جون آفيسون ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ موجود آهن.
پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته ايشيا پاڪ انويسٽمينٽ نالي اهو ادارو رڳو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندو آهي، ان جي شعبن ۾ انفراسٽرڪچر، توانائي، بجلي، ٽرانسپورٽ، لاجسٽڪ ۽ ٽيڪنالاجي شامل آهن.
هڪ پريس رليز موجب سمير چشتي کي بول نيٽورڪ جو نئون چيئرمين ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) مقرر ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي.
پريس رليف ۾ سمير چشتي کي ايشيا ۽ وچ اوڀر ۾ عالمي ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ هڪ تجربيڪار سيڙپڪاري جي طور تي بيان ڪيو ويو آهي.
سمير چشتي جو چوڻ آهي ته عالمي سطح تي ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز، هٿرادو ذهانت ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ۾ حيرت جوڳي اڳڀرائي ٿي رهي آهي، مواد جي تخليق، خبرون، تفريح، گيمنگ، موسيقي، تعليم، مواصلات ۽ ڪميونٽي سميت سموري ميڊيا ايڪو سسٽم تي اثر محسوس ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته چين ڪوريا، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن ۾ 500 کان وڌيڪ ٽيڪنالاجي ڪمپنين ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ اسپارڪس ليب گروپ جي ڀائيواري جي طور تي مان زندگي کي تبديل ڪرڻ، معاشرن کي تبديل ڪرڻ ۽ اڀرندڙ معيشتن ۾ ٽيڪنالاجيز جي صلاحيتن کي ڏٺو آهي، هي يقينن اهڙا موقعا آهن جيڪي سڀني پاڪستانين لاءِ هجڻ گهرجن.
نئون بول نيٽ ورڪ مواد تيار ڪرڻ ۽ طاقتور ذريعي سان استعمال جو واعدو ڪري ٿو ته جيئن اسان سڀ سکي سگهون ۽ سيکاري سگهون، بول واهپيدارن کي بااختيار بڻائيندو ته هو پنهنجي ڪميونٽيز کي انهن لاءِ اهم مسئلن ڏانهن ڌيان ڏيارين.