جنيد جمشيد جي پُٽ جِي اکين ۾ لڙڪ آڻيندڙ روضي رسول تي ڳايل نعت

جنيد جمشيد شاندار پاڪستاني ڳائڻي ۽ موسيقار جي حيثيت سان شهرت ماڻي، جيڪو پنهنجي زندگي ۾ تمام پرهيز گار، باعمل ۽ هڪ ديني عالم بڻجي ويو. گيتن کانپوءِ سندس آواز ۾ ڳايل ڪيتريون ئي نعتون ماڻهن جي دلين ۾ گهر ڪري ويون. جنيد جمشيد ٻه هزار سورنهن ۾ هڪ خوفناڪ جهاز حادثي ۾ پنهنجي جان وڃائي ويٺو، جنيد جمشيد جي اوچتي ۽ بي وقتائتي لاڏاڻي نه رڳو سندس عزيزن پر مداحن کي سوڳوار ڪري ڇڏيو، هو جسماني طور ته دنيا ۾ ناهي پر اڄ به گهرڀاتين ۽ مداحن جي دلين ۾ جيئرو آهي. جنيد جمشيد کي ٽن پٽن تيمور، بابر ۽ سيف الله سميت هڪ ڌيءَ جي اولاد آهي جيڪي مختلف ٽي وي پروگرامن ۾ پنهنجي پيءُ جون يادون تازيون ڪندا رهندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.