”وڏيرن، پوليس ۽ ڌاڙيلن جو هڪ ئي گروپ آهي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه ڪراچي ڌرڻي ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته لاڙڪاڻو، سکر ڊويزن اغوا جون انڊسٽريون بڻيل آهن، وڏيرا، بيوروڪريسي، پوليس ۽ ڌاڙيلن جو گڏيل گروپ آهي.

هن چيو ته ماڻهو نيشنل ۽ انڊس هاءِ وي تي هلي نٿا سگهن، اسان جا چونڊيل نمائندا ڌاڙيلن جا حمايتي آهن جن کي پوليس ۽ ڌاڙيل کٽرائيندا آهن.

هن چيو ته هڪ سال کان وڌيڪ وقت ٿي ويو آهي پر پريا ڪماري گم آهي، نازيا کوسو به گم آهي. گرينڊ آپريشن ۾ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز رنڊڪ بڻيل آهن.

هن چيو ته سردارن ۽ ڀوتارن جي مرضي کانسواءِ ڪير ڪاروبار به نٿو ڪري سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.